علڻ الستي

علڻ الستي: ناليواري شاعر علڻ الستيءَ جو اصل نالو علي نواز آهي. هن گهوٽڪي ضلعي جي تعلقي خانڳڙهه خانپور مهر جي ڳوٺ ڦوڳ مڱڻهار ۾ 1954ع ڌاري جنم ورتو. هن پرائمريءَ تائين تعليم حاصل ڪئي. غربت سبب وڌيڪ پڙهي نه سگهيو. ننڍپڻ ۾ ئي عشق جي چوٽ لڳڻ ڪري شاعري ڪرڻ لڳو ۽ 1990ع کان سندس شاعري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳائجڻ لڳي ۽ تمام گهڻي مشهور ٿي. هن هر قسم جي شاعري ڪئي آهي، پر گهڻي شاعري عشقيه آهي. گهٽ پڙهيل هئڻ باوجود تمام گهڻو مطالعو ڪيو اٿس. سندس شاعريءَ ۾ رومانوي گهرائي آهي. هن پنجن زبانن سنڌي، اردو، بلوچي، هندي ۽ سرائيڪيءَ ۾ تمام گهڻو ڪلام چيو آهي. سندس شاعري سنڌ جي ڪيترن ئي ننڍن وڏن فنڪارن ڳائي آهي، جن ۾: ربنواز مهيسر، الاهي بخش سومرو، محمد بخش پتافي، ماسٽر منظور، جوڳي جلال، غلام علي سنديلو، پير وسڻ، باغ مارواڙي، جاني جلال، محمد حيات گڏاڻي، شيرل بلوچ، روشن ڊگهه، صابر گاجاڻي ۽ ٻين ڳائي داد حاصل ڪيو آهي. هي سنڌ جي ننڍن وڏن مشاعرن ۾ شريڪ ٿي پنهنجي شاعري عوام تائين پهچائيندو رهي ٿو. هن شاعريءَ جي مختلف صنفن گيت، وائي، دوهيڙو، ڪافي، قصيدو، ڌمال، نوحو، نعت، قومي گيت لاڏن ۽ سهرن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. وٽس ڪيترو ئي مواد اڻڇپيل صورت ۾ موجود آهي، پر غربت سبب ڇپائي ناهي سگهيو. ان کان سواءِ الستي سٺو راڳي پڻ آهي ۽ راڳ متعلق سٺي ڄاڻ رکي ٿو ۽ باجو پڻ سهڻي انداز ۾ وڄائي ڄاڻي ٿو. راڳ جي دنيا ۾ سندس ڪيترائي شاگرد آهن. پاڻ هن وقت ڳوٺ ڦوڳ مڱڻهار ۾ رهائش پذير آهي، کيس 3 پٽ ۽ 3 نياڻين جو اولاد آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو